سچل سرمست يادگار ڪاميٽي

سچل سرمست يادگار ڪاميٽي: سنڌ جي صوفي شاعر سچل سرمست جي وصال کانپوءِ، گذريل هڪ سؤ ٽياسي سالن کان وٺي سندس درگاهه تي ميلا مچندا رهيا آهن، گادي نشينن جون تاج پوشيءَ جون رسمون، ڌمالون ۽ سماع ٿيندا رهيا آهن. پر 1960ع تائين درازن جي درگاهه تي ڪا بها دبي مجلس ڪانه ٿي. 1959ع ۾ ناميارو اديب جمال ابڙو جڏهن خيرپور ۾ سب جج هو ته هن خيرپور جي اديبن کي احساس ڏياريو ته سنڌ جي هن صوفي شاعر بابت ادبي محفلون ۽ ڪانفرنسون ٿيڻ گهرجن. ائين ’سچل اڪيڊميءَ‘ جو تصور عمل ۾ آيو. 19 آڪٽوبر 1959ع تي خيرپور جي اديبن ۽ ساڃاهه وندن جي هڪ گڏجاڻي ’لاڙڪ منزل‘ خيرپور ۾ ٿي، جنهن ۾ جمال ابڙو، پروفيسر عطا محمد حامي، استاد عبدالرحمان انڙ، ياسين قريشي، سيد علي طاهر شاهه، پيڪر نقوي ۽ هادي بخش لاڙڪ موجود هئا، ائين استاد حاجي امام بخش ڦلپوٽي جي صدارت ۾ ’سچل سرمست اڪيڊميءَ‘ جو بنياد پيو. سچل اڪيڊميءَ جي ٻي گڏجاڻي، جمال ابڙي جي سرڪاري رهائش گاهه ’مخدوم منزل‘ تي سندس صدارت هيٺ ٿي، جنهن ۾ سيد غوث علي شاهه، ايم. ڊي لال، قاضي علي اڪبر درازي، نسيم کرل، لعل بخش منگي، مولا بخش لاڙڪ ۽ ٻيا شريڪ ٿيا ۽ سچل سرمست جي عرس 12- 13 مارچ 1960ع تي درازا ۾ ملهائڻ ۽ ان موقعي تي ادبي مجلس ۽ راڳ جي محفل منعقد ڪرڻ جو فيصلو ٿيو. اهڙيءَ ريت سچل سرمست جي باقاعدي پهرين ورسيءَ تي ڪامياب ادبي مجلس ۽ راڳ جي محفل ٿي، جنهن ۾ سنڌ هند مان عقيدتمندن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. ان ڪامياب محفل کانپوءِ سچل سرمست جي ڪالم ۽ پيغام کي عام ڪرڻ لاءِ سوچ ويچار ٿي ۽ سچل سائينءَ جي طالب مسٽر ايم. ڊي لال (ڊپٽي رجسٽرار ڪوآپريٽوِ اڪيڊمي) جي مشوري تي ’سچل اڪيڊميءَ‘ کي ’سچل ڪوآپريٽوِ اڪيڊمي لميٽڊ‘ ۾ بدلايو ويو. اڪيڊمي 19 مئي 1960ع تي رجسٽرڊ ٿي، جنهن جي پيٽي قانونن(Bylaws) تي هيٺين بنيادي ميمبرن صحيحون ڪيون: (1) هادي بخش لاڙڪ، (2) محبوب علي کيمٽيو، (3) سيد علي طاهر شاهه، (4) سيد قائم علي شاهه، (5) عطا محمد سومرو، (6) لال محمد منگي، (7) رحيم بخش ميمڻ، (8) عبدالرحمان انڙ، (9) سيد غوث علي شاهه، (10) عطا محمد بلوچ، (11) جمال ابڙو.
24 مئي 1960ع تي پيٽي قانونن جي بحاليءَ کانپوءِ ٽن سالن لاءِ عهديدار چونڊيا ويا. سچل سرمست جي ٻي ورسي هن اڪيڊميءَ طرفان 1 ۽ 2 مارچ 1961ع تي ملهائي وئي، جنهن جي ڪاميابيءَ ۾ ايم. ڊي. لال، عبدالغفور انصاري، مقبول ڀٽي ۽ اڪيڊميءَ جي عهديدارن جو هٿ هو. ادبي مجلس جو مهمان خصوصي مشهور اديب ۽ تعليمدان محبوب علي چنا هو ۽ راڳ جي صدارت ڪمشنر ابو نصر ڪئي، جنهن ايندڙ سال کان اڪيڊميءَ جي سرڪاري گرانٽ جو اعلان ڪيو.
هن ڪامياب ادبي ڪانفرنس سان گڏ زراعت، ڪاٽن انڊسٽريز ۽ ڳوٺ سڌار کاتي طرفان نمائش جو بندوبست ڪيو ويو. اينيميل هسبنڊري طرفان چوپائي مال جي نمائش ٿي.
اهڙيءَ طرح 1962ع ۽ 1964ع ۾ اڪيڊميءَ جي ڪارڪردگي ۽ مقبوليت کي ڏسي خيرپور ڊسٽرڪٽ ڪائونسل ڪجهه سالن تائين مالي سهائتا ڪندي رهي. 1964ع ۾ سنڌ جو مايه ناز شاعر ۽ اديب ڊاڪٽر تنوير عباسي خيرپور ۾ ڪلنڪ اچي کولي ۽ مستقل رهائش اختيار ڪئي. سندس شموليت سان اڪيڊميءَ کي چار چنڊ لڳي ويا. هن ئي سال ٿيل ادبي ڪارنفرنس جي صدارت سنڌ جي عظيم قومي شاعر شيخ اياز ڪئي.
17 جنوري 1965ع تي خيرپور جي ڪمشنر سيد درٻار علي شاهه درازا درگاهه لڳ ريسٽ هائوس ۽ آڊيٽوريم جي پيڙهه جو پٿر رکيو. ائين هر سال ادبي ڪانفرنسون ٿينديون رهيون، جن ۾ مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ ۽ اي. ڪي. بروهي جهڙيون شخصيتون به شامل ٿيون.
1970ع ۾ سچل ڪوآپريٽوِ اڪيڊميءَ کي ’سچل ميموريل ڪاميٽيءَ‘ ۾ تبديل ڪيو ويو. 1975ع کان سنڌ گورنمينٽ جي نوٽيفڪيشن مطابق ’سچل سرمست ميلا ڪاميٽي‘ ٺاهي وئي، جنهن جو چيئرمئن ڊپٽي ڪمشنر خيرپور رهندو اچي. ڪاميٽيءَ تي ٻين کاتن جا سرڪاري آفيسر به ميمبر طور رهندا اچن.
اهڙيءَ طرح سچل سرمست جي ڪلام، رسالي ۽ پيغام بابت ڪتابن جي اشاعت جو به ڪم هلندو رهيو. قاضي علي اڪبر درازيءَ جا سچل شناسيءَ بابت ڪيترا ڪتاب شايع ٿيا. اهڙيءَ ريت سچل سرمست جي فن ۽ فڪر بابت انگريزي، اردو ۽ سنڌيءَ ۾ ڪتابن جي اشاعت شروع ٿي.
1981ع کان باقاعدي حضرت سچل سرمست جي ورسيءَ کي نوان موڙ ڏنا ويا، جن مان سڀ کان اهم ’سرمست‘ ڪتابي سلسلي جو اجراءُ آهي، جنهن جون 33 ڪڙيون شايع ٿي چڪيون آهن.
سچل جي ميلي کي منظم نموني سان ملهائڻ، شاندار ادبي ڪانفرنسن جو انعقاد ڪرائڻ ۽ سرمست ڪتابي سلسلي جي اشاعت ۾ ان وقت جي ڊپٽي ڪمشنر غلام محمد ميمڻ ۽ ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ جو وڏو ڪردار رهيو آهي.


لفظ سچل سرمست يادگار ڪاميٽيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو